مون کي رستي تان هٽائڻ جو واحد طريقو مون کي ختم ڪرڻ آهي: عمران خان

0
435
مون کي رستي تان هٽائڻ جو
مون کي رستي تان هٽائڻ جو واحد طريقو مون کي ختم ڪرڻ آهي: عمران خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاڻ مٿان وڌيڪ قاتلاڻن حملن جو خدشو ظاھر ڪري ڇڏيو آھي، عمران خان چيو آھي ته مون کي رستي تان هٽائڻ جو واحد طريقو مون کي ختم ڪرڻ آهي، منهنجي حياتي اڃا خطري ۾ آهي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان فرانسيسي نيوز چينل کي انٽرويو ڏنو آھي، پنهنجي انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته مون تي حملو ڪرائيندڙ ٻيهر به مون کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا

عمران خان جو چوڻ آھي ته منهنجي پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ مقبول جماعت آهي، مون کي وڏي پيماني تي عوامي حمايت حاصل آهي، مون کي ان ڪري ئي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان موجب مون حملي کان 6 هفتا اڳ ئي هڪ جلسي ۾ چيو هو ته مون کي ڪنهن مذهبي جنوني هٿان قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي، چيف جسٽس کي پنهنجي مٿان ٿيل حملي جي شفاف جاچ ڪرائڻ لاءِ چيو آهي

ھي به پڙھندا

لانگ مارچ سياسي مسئلو آهي، ملڪ ۾ هنگامو نه پر امن امان چاهيون ٿا: چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ لانگ مارچ خلاف درخواست خارج ڪري ڇڏي