ٺاروشاھ مان پسند جي پرڻي لاءِ نڪتل جوڙو اغوا

0
278

ٺاروشاھ (رپورٽر) ٺارو شاهه ۾ پسند جي پرڻي لاءِ نڪتل جوڙو عدالت ڏانهن ويندي رستي تان مبينا طور اغوا  ٿي ويو آھي، ناري جي وارثن پاران نوجوان جي وارثن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون آھن

نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته فراز ڪلهوڙو ۽ فائزه ڪلهوڙو پسند پرڻي لاءِ عدالت وڃي رهيا هئا ته کين اغوا ڪيو ويو آھي

ناريءَ جي وارثن فون ڪري 2 سڱ چٽيءَ طور نه ڏيڻ جي صورت ۾ قتل جي ڌمڪي ڏني آهي

نوجوان جي وارثن موجب فون ڪري خراب گاريون بھ ڏنيون ويون، نوجوان جي حياتي کي خطرو آھي، پوليس کي جوڙي جي فوري بازيابيءَ جي اپيل ڪئي وئي آھي

ھي به پڙھندا

راڻيپور: ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، ڪنوار سميت 2 عورتون فوت