ڪراچي: معاشي ماهرن محمد سهيل ۽ خرم شهزاد چيو آهي ته آءِ ايم ايف بورڊ جي ميٽنگ جي اعلان شرط ڊالر جي اگهه ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي آهي، هنن چيو ته آءِ ايم ايف کان 1.2 ۽ دوست ملڪن کان 4 ارب ڊالر ملندا، جڏهن ته جولاءِ مهيني ۾ اسان جي امپورٽ بل ۾ وڏي گهٽتائي ٿي آهي، مٿان وري عا لمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو ٿيڻ ڪري ملڪي معيشت ۾ بهتري ايندي