ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر کي رورس بريڪ لڳي  ويو: 229 رپين تي پهتو: سون ۾ 9600 رپين جي رڪارڊ لاٿ، ان  ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  9600 رپيا لاٿ سان 154900 مان 145300 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته  عالمي مارڪيٽ ۾ سون 14 ڊالر لاٿ سان  1760 ڊالر في  آئونس تي بند ٿيو، ٻئي طرف  چاندي 10 رپيا اضافي سان 1570 مان 1580 رپيا في تولو ٿي وئي، هوڏانهن  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾  ساڍا 11 رپيا لاٿ سان 240.5 مان 229  ۽ انٽر بينڪ ۾ 9.58 رپيا لاٿ سان  238.3  مان 228.80 رپين تي پهتو  هو ، هڪ موقعي تي ڊالر 227 رپين تي به پهتو هو، هوڏانهن  اسٽيٽ بينڪ  موجب انٽر بينڪ ۾ ڊالر ۾ 4.19  سيڪڙو لاٿ آئي، ٻئي طرف پائونڊ 2 رپيا لاٿ سان 293 مان 291 ۽ يورو ڏيڍ رپيو  گهٽتائي سان  242.5 مان 241 رپين تي پهتا هئا