حيدرآباد ۾ ناري سان سهري پاران مبينا زيادتي جو انڪشاف

0
381

ميرپورخاص (ن پ ا) حيدرآباد ۾ ناري سان سهري پاران مبينا زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن بعد وجهه وٺي ناري ميرپورخاص پهچي وئي، 25ورهين جي سحرش ميرپورخاص ۾ پنهنجي ماسي وٽ پهچي وئي، جتي هن پنهنجي سهري تي زيادتي جو الزام هنيو آهي، سندس چوڻ آهي ته پنجاب جي رهواسڻ آهيان، حيدرآباد واسي سلطان سان شادي ڪئي جيڪو اڳ ئي شادي شده هو، سلطان شادي بعد فرار ٿي ويو آهي، سهرو بلال زبردستي زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو آهي.