ڪچي جا ڌاڙيل ٽڪ ٽاڪ وڊيوز جاري ڪري رهيا آهن، پوليس خاموش آھي:حليم عادل شيخ

0
382
سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪچي جا ڌاڙيل ٽڪ ٽاڪ وڊيوز جاري ڪري رهيا آهن، پوليس ڏوهارين خلاف ايڪشن کڻڻ لاءِ تيار نه آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي حڪومت ۽ پوليس تي تنقيد، حليم عادل شيخ چيو آهي ته ماڻهو هاڻي باجماعت قتل ڪري رهيا آهن ۽ پلاند وٺڻ ٿا، ڪوبه کين پڪڙڻ وارو نه آهي، فوج يا رينجرز کي ڪچي ۾ آپريشن ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ سکر ۾ امن ڪانفرنس ڪرڻ وڃي رهي آهي، رتوڇاڻ روڪڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين، ھن چيو تھ برادري جھيڙن سبب ماڻھو مري رھيا آھن، سنڌ سرڪار ڏوھارين کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي.