مڪاني چونڊ: غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا

0
685
پهريون مرحلي لاءِ پولنگ جو وقت ختم
مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلي لاءِ پولنگ جو وقت ختم: ڳڻپ شروع

نوٽ: هي نتيجا غير حتمي ۽ غير سرڪاري آهن

سنڌ جي 14 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ چونڊ جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا سامهون اچڻ جو سلسلو جاري آهي

سکر جي ٽائون ڪاميٽي مڪي شاھ جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا سامهون اچي ويا آهن

يونين ڪاميٽي 3 درگاهه قاضي بابا تي پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ مختيار کوکر چيئرمين ۽ محمد دين وائيس چيئرمين طور ڪامياب ٿي ويا

يونين ڪاميٽي 4  ڪلاڪ ٽاور تي واسطو رکندڙ محمد عارف چيئرمين ۽ محمد ثاقب راجپوت وائيس چيئرميين طور ڪامياب ٿي ويا

يونين ڪاميٽي 5 شيخ شينھن تان به پ پ سان واسطو رکندڙ شبير احمد چيئرمين ۽ نادر علي وائيس چيئرمين طور ڪامياب ٿي ويا

سکر جي ٽائون ڪميٽي مڪي شاهه جي وارڊ نمبر تي ڪائونسلر لاءِ پ پ اميدوار اويس شيخ 317ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته جماعت اسلامي اميدوار 114 ۽ تحريڪ انصاف اميدوار 94ووٽ کڻي سگهيا آهن

قاضي احمد ٽائون ڪميٽي  جي وارڊ نمبر تي ڪائونسلر لاءِ پ پ اميدوار غفار جتوئي 525ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو

آهي، جڏهن ته جي ڊي اي اميدوار 234 ووٽ کڻي سگهيو

خانپور مهر جي 6 وارڊز جا نتيجا سامهون اچي ويا آهن، جن تحت ٽائون ڪاميٽي خانڳڙهه جي 6 وارڊن مان 4 وارڊز تي  پ پ جا ڪائونسلر ڪامياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته جي ڊي اي جا 2 ڪائونسلر پڻ سوڀارا ٿيا آهن

مبارڪپور يوسي جي وارڊ نمبر هڪ جي غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب يوسي ۾ ڪائونسلر لاءِ پ پ اميدوار 941 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي اميدوار 391 ووٽ کڻي سگهيو

وارهه ٽائون جي وارڊ نمبر 9  تي ڪائونسلر لاءِ غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب پ پ اميدوار بلاول کهاوڙ 255 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جي يو آءِ اميدوار صديق مڱڻيجو 61 ووٽ کڻي سگهيو آهي

پنوعاقل جي ميونسپل ڪميٽي  جي وارڊ نمبر 5 تي پ پ اميدوار صوبدار گڏاڻي 207 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته جي يو آءِ اميدوار عبدالغفار  70 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو

ڪنڌڪوٽ جي ميونسپل ڪميٽي وارڊ 12 جا غير سرڪاري نتيجا ڪجهه هن ريت آهن ته  پ پ  جو اميدوار  مهيندر ڪمار 323 ووٽ کڻي ڪامياب  ٿي ويو آهي، جڏهن ته قومي عوامي تحريڪ جو  موهن لال 155 ووٽ کڻي سگهيو

ڪنري جي وارڊ نمبر 4 تي ڪائونسلر  جي سيٽ تي پ پ اميدوار عثمان بلوچ  645 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته پي ٽي آءِ اميدوار رضوان بلوچ  136 ووٽ کڻي ٻي نمبر تي رهيو

نوشهروفيروز جي وارڊ نمبر 10 تي ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ جو اميدوار شاھنواز عمراڻي 425 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي دين محمد ٻٻر 115 ووٽ کنيا

نوشهروفيروز جي وارڊ نمبر 5 تي ڪائونسلر لاءِ غيرسرڪاري۽ غير حتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار رميز احمد 53 ووٽ کڻي پهرئين نمبر تي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي اميدوار بچل سولنگي 28 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي

عمرڪوٽ ميونسپل ڪميٽي، وارڊ 01 تي جنرل ڪائونسلر جي چونڊ لاءِ پي ٽي آءِ جو عاشق سمون 563 ووٽ کڻي اڳتي آهي، جڏهن ته پ پ جي هيمراج اوڏ 525 ووٽ کنيا

دوڙ ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 9  تي جنرل ڪائونسلر لاءِ چونڊ لاءِ پ پ جو چوڌري ايوب 505 کڻي اڳڀرو  آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي اشرف بلوچ 39 ووٽ کنيا آهن

مبارڪپور يوسي، وارڊ 01 جي غير حتمي نتيجن موجب يوسي ۾ ڪائونسلر لاءِ پ پ اميدوار 941 ووٽ کڻي اڳڀرو آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي اميدوار 391 ووٽ کڻي سگهيو آهي

ھي به پڙھندا

مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو: 2 ڄڻا قتل، ڪيترائي زخمي: 25 ڄڻا اغوا