سڄي ملڪ ۾ برسات، سنڌ ۾ پوءِ به پاڻي جي کوٽ: مظاهرا ۽ ڌرڻا

0
214
سڄي ملڪ ۾ برسات

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ خلاف احتجاج جاري آهي، دادو جي شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن پيادل مارچ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، آبادگارن آبپاشي عملدارن تي پاڻي وڪرو ڪرڻ جا الزام هنيا آهن

 ڪي اين شاهه ۾ 15 کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي اڻهوند خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن، آبادگار جدوجهد ڪميٽي جي سڏ تي پيادل مارچ بعد بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو ويو

 ميرپور ساڪرو ۾ عوامي تحريڪ جي سڏ تي پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري  نعريبازي ڪئي وئي، آبادگارن طرفان پاڻي چوري ۾ ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري پڇڙي تائين پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي