شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي ۾ رولو ڪتن جو آزار، وڌيڪ 10ڄڻا ڏاڙهجي زخمي

0
158
شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي

لاڙڪاڻو: شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 10 ڄڻا ڏاڙهجي زخمي ٿي پيا آهن

زخمين  ۾ 10 ورهين جو عمران بروهي، 5 ورهين جو ياسين کچي، 7 ورهين جو علي رضا مغيري، 7 ورهين جو غلام شبير دايو،  طاهر علي منگي شامل آهن

 ڳوٺ نور محمد ڪورڪاڻي واسي عورت فرحانه ڪورڪاڻي ۽ ٻيا پڻ ڪتن جي حملي ۾ زخمي ٿيا آهن، جن کي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم ويڪسين سينٽر تي  منتقل ڪيو ويو آهي