سنڌ ۾ مئٽرڪ جا ساليانا امتحان ڌڙاڌڙ ڪاپي سان جاري

0
146
سنڌ ۾ مئٽرڪ جا ساليانا امتحان
سنڌ ۾ مئٽرڪ جا ساليانا امتحان ڌڙاڌڙ ڪاپي سان جاري

ڪراچي: سنڌ ۾ مئٽرڪ جا ساليانا امتحان ڌڙاڌڙ ڪاپي سان جاري آهي، تعليم کاتي سکڻن بيانن کانسواءِ عملي قدم ناهي کنيو

حيدرآباد جي مختلف سينٽر تي نائين درجي جو پيپر شروع ٿيڻ کان اڳ ئي سنڌي ۽ اردو جا پرچا آئوٽ ٿي ويا

لاڙڪاڻو جي مختلف سينٽرز تي زولاجي جي پيپر دوران ڪاپي جي شڪايتن تي ايڪشن ٿيو آهي، جتي شاگردن کان موبائيل فونز کسيا ويا آهن

خيرپور ۾ پيپر شروع ٿيڻ کان اڳ نائين ڪلاس جِي جنرل سائنس جو پرچو آئوٽ ٿي ويو، ٺارو شاهه جي به مختلف سينٽرز تي ڪاپي جي ڌُم رهي، عملدار ڪاپي روڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا