پنجاب جي اڳوڻي گورنر برطرفي کي چئلينج ڪري ڇڏيو

0
198
عمر سرفراز چيما
پنجاب جي اڳوڻي گورنر برطرفي کي چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما پنهنجي برطرفي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

عمر سرفراز طرفان سندس برطرفي بابت ڪابينا ڊويزن جي نوٽيفڪيشن خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي آهي

درخواست ۾موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمر سرفراز کي گورنر جي عهدي تان هٽائڻ غيرقانوني آهي، وزيراعظم پنهنجي پُٽ کي فائدو پهچائڻ لاءِ غير آئيني طريقو اختيار ڪيو

درخواست ۾ نوٽيفڪيش جاري ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ۽ اڳوڻي گورنر کي عهدي تي بحال ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي