ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٽائيم نيوز وٽ اين او سي هجڻ باوجود ٽائيم نيوز جي مک تقريب کي روڪرائڻ لاءِ ڊي سي سائوٿ ارشاد سوڍر ۽ ايس ايس پي زبير نذير شيخ بدمعاشي ڪندي خانگي ماڻهن پاران ڪنيٽينرز لڳرائي ڇڏيا
ڊي سي سائوٿ ارشاد سوڍر ۽ ايس ايس پي جو چوڻ هو ته تقريب جو هنڌ تبديل ڪيو وڃي، جڏهن ته تقريب جي هنڌ واري اجازت ضلعي انتظاميه ڏئي چڪي هئي. پوليس جي سرپرستي ۾ نامعلوم شرپسندن ڪراچيءَ ۾ ايڪتا ڊي جي مک تقريب آڏو ٻيهر رڪاوٽون رکي ڪنٽينر لڳائي روڊ کي بند ڪري ڇڏيو ۽ پوليس طرفان به ٽائم نيوز جي ٽيم کي اسٽيج تيار ڪرڻ کان منع ڪيو پيو وڃي.