ڪراچي کان اڏام ڪري بلوچستان ويندڙ ننڍو جهاز ڪري تباهه، پائليٽ جو لاش هٿ

0
505

ڪراچي ( ڊ) بلوچستان جي علائقي آواران ۾ گهٽ وزني جهاز ” جيرو ڪاپٽر“ ڪري تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ انسٽرڪٽر پائليٽ قاضي اجمل فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش مليو آهي

ذريعن موجب پائلٽ قاضي اجمل پنهنجو جيٽ هيلي ڪاپٽر ڪراچي مان اڏام ڪري بلوچستان جي حدن ۾ داخل ٿيو هو ۽ قاضي اجمل کنڊ گذريل 3 ڏينهن اڳ ملير جي علائقي ۾ اڏام ڪندي گم ٿي ويو هو

بلوچستان جي وائلڊ لائيف آفيسر امان الله ساجدي تصديق ڪئي ته قاضي اجمل جو جهاز پولڊٽ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، جهاز جو ملبو ۽ پائليٽ جو لاش ملي ويو، قاضي اجمل جو جهاز جبل سان ٽڪرائجي ڪري تباهه ٿي ويو