ھڪ نظر مقامي سياست تي

0
105
ڊجيٽل آدمشماري ۽ اسان جا خدشا!

 جيڪڏهن اوھين گوگل تي وڃي ان کان پڇندا ته (Democracy) ڇا آهي؟ ته اھو اوهان کي ٻڌائيندو ته اھڙي قسم جي حڪومت  جنهن ۾ عوام کي اختيار  ھجي ته ھو پاڻ تي حڪمران چونڊي ۽ پنهنجي لاءِ قانون ٺاهي يا ٻين لفظن ۾ اسين ھن کي ڪجهه ھن طرح بيان ڪري سگهون ٿا ته عوام تي عوام جي حڪومت کي (Democracy) چيو وڃي ٿو.  پر بدقسمتي سان اسان وٽ حقيقت ان جي برعڪس رھي  آھي. ھتي حڪمران طبقو ھميشه حڪومت ڪندي نظر اچي ٿو . ڪڏهن وفاق ۾ ته ڪڏهن صوبن ۾ ۽ ڪڏهن حڪومتي ڌر  ته وري ڪڏهن اپوزيشن ۾.

            سياست ته عوام جي خدمت ڪرڻ کي چيو وڃي ٿو. پر ھتي اھي ماڻهو حڪمراني ڪن ٿا جن تي ڪورٽ سڳورين ۾ ڪيسز ھلندڙ ھوندا آهن  يا وري جڏھن فرد جرم لاڳو ٿيڻو ھوندو آهي ته ان کان ھڪ اڌ ڏينهن پھريان اھم حڪومتي عھدن سان سلھاڙجي وڃن ٿا.

اسان وٽ معاشري ۾ حالت اھا آهي جو عام چور کي ته گھٽ وڌ ڳالهائڻ سان گڏ ڪٿي پادرن جو ته وري ڪٿي لٺ باٺن جو وسڪارو ڪندا آھيون. ليڪن سياسي چور جيڪو اسان جو مستقبل،اسان جو ڪيريئر، اسان جي تعليم،صحت ۽ ڪاروبار چورائيندو آهي ان کي اسان پنهنجي منهن تي ته سائين سائين ڪندا آھيون پر پنهنجي ايندڙ نسل يعني نوجوانن کي به وقت بوقت اھا تنبيهه ڪندا آھيون ته فلاڻي سردار لاءِ متان سوشل ميڊيا تي ڪجهه گھٽ وڌ لکين يا وري ھوٽل تي/ دوستن سان گلا ڪئي اٿئي.

                يعني اھو چئي سگھجي ٿو ته اسين اھي ماڻهو آھيون جيڪي اھا چونڊ ڪيون ٿا ته ڪھڙي چور کي مٿي آڻي ان کان پاڻ کي ڦرائڻو آھي. سياسي چور جي چونڊ ڪرڻ وقت اسين اکيون کليل ھوندي به انڌا ٿي ويندا آهيون. جتي اسين پاڻ سان گڏ پنهنجي ٻارن جو مستقبل به داءُ تي لڳائي ڇڏيندا آهيون. مقامي سطح تي اسين ايترا ته سياسي ٿي ويا آھيون جو پنهنجن رشتن کي به وسارڻ ۾ دير ڪونه ڪندا آھيون.  مقامي سياست اسان وٽ ان حد تائين پھچي چڪي آهي جو ھڪ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ٻار پاڻ ۾ وڙهن ٿا ۽ معاملو گهر وارن تائين پھچي ٿو معاملي جي تھه تائين پھچڻ بعد خبر پوي ٿي ته ٻار ھڪٻئي جي سردارن کي گھٽ وڌ ڳالهائڻ تان وڙھيا آھن.

          ڪجهه ڏينهن اڳ ھڪ نجي ٽي وي جي خبر واري تصوير سوشل ميڊيا تان سامهون گذري ٿي، جنهن ۾ اداري وارن سياسي سربراھه جو نالو لکي خبر ھلائي ته فلاڻي شخص ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي بحالي لاءِ فنڊ جاري ڪري ڇڏيا. سوال اھو ٿو اٿي ته ڇا ان شخص پنهنجي موروثي ملڪيت مان پئسا ڏنا آهن؟ يا ٻاهريان آيل امداد جي جي پئسن ياملڪي خزاني مان ڏوڪڙ ڏنا آهن. ان اداري جي اھڙي  نموني ھلايل خبر ڏسي گهڻن کي سياسي دوکي ۾ وڌو ويو ھوندو. خبر نه آهي ته الائي گهڻن اھا خبر واٽس اپ اسٽيٽس ۽ سوشل ميڊيا  تي شيئر ڪئي ھوندي.

              حقيقت ڪجهه ھن طرح آهي جو برسات ۽ ٻوڏ سڄي سنڌ ۾ تباهي مچائي ڇڏي آھي. ۽ فنڊ فقط ستن ضلعن لاءِ جاري ڪيا ويا آهن. متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ خيرپور ميرس سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ گھٽ ۽ گھڻو متاثر ٿيندڙ علائقن جو فرق به نه رکيو ويو آهي. مگر افسوس جو اھڙي  قسم جي خبر ڪٿي به پڙهڻ لاءِ نه ملي.

اسان وث مقامي سياست ھاڻي ان حد تائين پھچي  وئي آهي جو مقامي سياستدانن ھاڻي  صحافين ۽ اخباري ادارن تي به پنهنجا حڪم ھلائڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن. ان جو مثال ڪجهه ھن طرح آهي جو ھڪ اخبار جي فرنٽ پيج تي ھڪ موجوده چونڊيل نمائندي جي عمرو ادا ڪرڻ واري خبر تصوير سان گڏ شايع ٿئي ٿي.

                ھڪ يوسي ۾ ھڪ موبائيل ڪمپني وارن ٽاور لڳرايو سڌي طرح جنهن جو فائدو عوام کي ٿيو. ان ٽاور جي ورڪنگ کان اڳ حڪومتي ۽ اپوزيشن  ڌر جي ڪارڪنن الڳ الڳ سوشل ميڊيا تي لکيو ته فلاڻي ڀوتار جو اھم پراجيڪٽ آخري مرحلن ۾ آهي. نه صرف ايترو پر ھوٽلن تان اھي  ڳالهيون پڻ ٻڌڻ وٽان مليون ته سائين جن کي ڊي سي صاحب  جي ڪال آئي جنهن ۾ ھن ھلندڙ  ھفتي ٽاور کي (operational) ڪرڻ جو سختي سان حڪم ڏنو آهي.

         اھا موجوده حالت آهي اسان جي مقامي سياست جي. ھڪ اندازي موجب ته سياسي انقلاب اھو ڪامياب ويندو جيڪو ھيٺين سطح کان جنم وٺندو.  ھتي اسان وٽ مقامي سطح کان توڙ (آخر) تائين سياست ۾ ڪوبه قانون ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. ساڳيا ئي چھرا اڄ ھن پارٽي ۾ آهن ته سڀاڻي ھن پارٽي ۾ ۽ ھيٺين سطح تي اڀرندڙ سياسي شعور جو ڪجهه ھن طرح سان خاتمو ڪيو وڃي ٿو جو گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ اسان ڏٺو ته حڪومتي ڌر جي ماڻهن اڪثريت سان يوسي  چيئرمين جي اميدوارن کان ويندي وارڊن جي اميدوارن کي ھٿ کڻايو. نه صرف ايترو پر اليڪشن ۾ ھارائڻ کان پوءِ 10-15 موبائيلن جو مخالفن (ڪامياب اميدوارن) جي گهرن تي ڪڙو، انھن تي ڪوڙن ڪيسن ۽ گهرن تي ڪاھن جون خبرون به ميڊيا جون زينت بڻيون. واضح رھي ته  بينظير صاحبه چوندي ھئي ته  مخالفت مضبوط ٿيندي ته  سياست مضبوط ٿيندي.

         اسان سڀني کي اھو  سمجهڻ گهرجي ته مقامي سياسي ڪارڪن به اسان لاءِ ڪنهن مصيبت کان گھٽ نه آهن. ميڊيا تي شايع ٿيل خبرن جون وضاحت ڪرڻ بنا سوشل ميڊيا تي اھڙيون ته  پٽيون پڙھائيندا آھن جو چڱا ڀلا سياسي انقلابي اڳواڻ منجھيو پون ٿا. جيئن پارٽي سربراھه  جو متاثرن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ، ٽاور جو ڪم مھيني اندر پورو ڪرائڻ ۽ راشن ورھائڻ وارين اخبارن جي  تصويرن سميت چونڊيل نمائندن  جي احرام واري تصوير ڏيکاري انھن کي جنتي بڻائي ڇڏيندا آهن.انھن ڀوتارن جي ساڄي  ھٿ وارن سياسي ڪارڪنن اسان کي ايترو ته ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي جو اسان پنهنجي بنيادي حقن لاءِ گڏ ٿيڻ ته  ٺھيو پر لکڻ ۽ ڳالهائڻ جو به نه ٿا سوچي سگھون.