ختم ٿيندڙ آبي جيوت، انڌي ٻلهڻ ۽ پلو

0
111
ختم ٿيندڙ آبي جيوت، انڌي ٻلهڻ ۽ پلو

  پاڪستان ھڪ زرعي ملڪ آھي جيڪوپنھنجي معيشت جو42سيڪڙو روينيو زراعت مان پيداڪري ٿو. پاڪستان جي زمين تمام گهڻي زرخيزآھي. اسان جونھري نظام دنيا جي بهترين نھري نظامن مان ھڪ آھي.

                 ھيءَ نهري نظام قدرتي طور اھڙو ته ھموارآھي جيڪو بناڪنھن مشينن جي سوين ڪلوميٽرن تائين زمينن کي وڃي سيراب ڪري ٿو. اسان جوسنڌودرياءَ ۽ ان مان نڪرندڙ واھن ۽ واهن مان نڪرندڙشاخون ۽ شاخن مان نڪرندڙ واٽرن جواھڙو ته ڄار وڇايل آھي جنھن جي ذريعي لکين ايڪڙزمين آباد ڪئي وڃي ٿي. پاڻيءَجي ورھاست جومسئلو پاڪستان کي ڄمڻ کان وٺي ورھاست ۾ مليل آھي.

                  اھومسئلوعالمي بنيادن تي انڊيا ۽ پاڪستان جڏھن  ته ملڪي بنياد تي سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ ھميشه رھيوآھي. ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ وقت بوقت ٻنھي ڌرين ۾ بيٺڪون ٿينديون رھيون آھن ڪڏهن انڊيا جا ڪميٽي جا نمائندا اچي پاڪستان ۾ چڪاسيندا آهن ته ڪڏهن وري پاڪستان مان نمائندا وڃي انڊيا ۾ پاڻيءَ جي چڪاس ڪري ايندا آهن. پاڪستان ۾1992ع ۾ انهن مسئلن  کي حل ڪرڻ ۽ هميشه ان جي نگراني ڪرڻ لاءِ ارسا (انڊس رور سسٽم اٿارٽي) نالي هڪ ادارو ٺاهيو ويو جيڪو اڄ تائين ان مسئلي تي ڪم ڪري رهيو آهي. پاڪستان جي آبپاشيءَ جو نظام تقريبن 19 بئراجن تي مشتمل آهي. درياءِ سنڌ تي موجود بئراجن جو تعداد 6 آهي جنهن ۾ 3 بئراج گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي سنڌ ۾ آهن. بئراج دريائن تي موجود دروازن جو هڪ اهڙو ڍانچوآهي جنهن جي ذريعي پاڻي ڪئنالن ڏانهن روانو ڪيو وڃي ٿو.

سنڌ صوبو درياءَ جي پڇڙي ۾ آهي جنهن جي ڪري درياءَ ۾ ٿيندڙ ٻوڏ  ۽ ان ۾ ٿيندڙ سوڪ کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نقصانن کي منهن ڏيندو آهي. جتي درياءَ لکين ايڪڙ زمين کي آباد ڪري ٿو اتي هو ڪيترين ئي پاڻي ۾ رهندڙ آبي حيات کي زنده رکيو اچي. اها پاڻي واري آبي حيات ڪيترين ئي غريبن جي گذر سفر جو ذريعو بڻجي ٿي ۽ ملڪ جي معيشت ۾ وڌارو پيدا ڪري ٿي. هونئن ته سنڌو درياءَ ۾ ڪيتريون ئي آبي حيات موجود آهن پر هتي اسان ذڪر ڪنداسين ٻه منفرد (ناياب) آبي حيات جو، جن ۾ ڊولفن (انڌي ٻلهڻ) ۽ پلو مڇي آهي. ڊولفن اها ناياب آبي حيات آهي جيڪا دنيا جي چند ملڪن ۾ موجود آهي جن ۾ پاڪستان جو شمار سرفهرست آهي. ڊولفن جون اکيون تمام ننڍيون آهن جيڪي ڏسڻ جي صلاحيت جي قابل نه آهن جنهن جي ڪري هن کي انڌي ٻلهڻ چيو وڃي ٿو. هي واحد آبي حيات آهي جيڪا ڏسي نٿي سگهي، هن ۾ هڪڙو سينسر سسٽم آهي جنهن ذريعي پري پري تائين ڪا به چر پر محسوس ڪري سگهي ٿي. بئراجن جي تعمير کان پوءِ هاڻ اها صرف گڊو ۽ سکر بئراج جي وچ واري علائقي ۾ ڏٺي ويندي آهي. جنهن جو تعداد ڏينهون ڏينهن گهٽجندو پيو وڃي. هاڻ ڳالھه ڪريون ٿا پلي مڇي جي. پلو هڪ اهوآبي حيات آهي جيڪو سمنڊ جي کاري پاڻي کان درياءَ جي مٺي پاڻي ڏانهن سفر ڪندو آهي.

1932ع کان پهريان يعني سکر بئراج، گڊو بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج جي تعمير کان پهريان پلو ملتان تائين ملندو هو، جڏهن تھ بئراجن جي تعمير کانپوءِ هاڻ اهو صرف ڪوٽڙي بئراج جي هيٺين پاسي ملي ٿو. بئراجن جي ٺهڻ جي ڪري ان جا مٿي وڃڻ جا رستا بند ٿي ويا آهن. سنڌ جي آبپاشيءَ وارو ادارو سنڌ جي فشريز واري اداري سان گڏجي ڊولفن مڇي (انڌي ٻلهڻ) ۽ پلو مڇي جي حفاظت ۽ ان جي آبادي وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.

تازو ئي 2 فيبروري تي سنڌ جي آبپاشي واري اداري، سنڌ بئراج امپرومينٽ پروجيڪيٽ جي طرفان ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان هڪ سيمينار ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي ڇڏڻ تي ۽ اتي موجود آبي حيات تي غور ويچار ڪيو ويو. ان سيمينار ۾ مختلف ادارن جي ماهرن جنهن ۾ فشريز ڊپارٽمينٽ، وائلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ، سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن مان ماهرن کي گهرائي ان ڳالھه تي غور ويچار ڪيو ويو ته 1991ع واري پاڻي جي ٺاھه تحت ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ قانون مطابق گھٽ ۾ گھٽ 5000 ڪيوسڪ پاڻي جو وھڪرو لازمي آھي. ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري سمنڊ به چاڙھه ڪندو پيو اچي. فشريز ڊپارٽمينٽ جي ماھرن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري ڪيترن ئي آبي حيات جو نسل ختم ٿيندو پيو وڃي جنھن ۾ پلو سرفھرست آھي. پلي جي اھا خاصيت آھي ته ھو پنھجا آنا مٺي پاڻي ۾ ڏيندو آھي ۽ اھو آنو 24 ڪلاڪ تائين واپس پاڻي جي ذريعي وھي وري واپس کاري پاڻي ۾ يعني سمنڊ ۾ ٻچو نڪرندو آھي. ماھرن وڌيڪ ٻڌايو ته پلو سال ۾ ٻه مھينا آنا ڏيندو آھي. ان مھينن دوران ڪوٽڙي بئراج ويجھو مڇي جي شڪار تي پابندي لڳائي وڃي ۽ مڇي جي شڪار لاءِ وڏي ڄار جو استمال ڪيو وڃي  جنھن ۾ مڇي جا ٻچا نه ڦاسي سگھن. ماھرن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ڪوٽڙي بئراج تي پلي جي گذرڻ لاءِ جيڪي رستا ٺھيل آھن، انھن کي وڌيڪ سٺي نموني نئين ڊزائن ۾ ٺاھيو وڃي ۽ ان کان علاوه  پلي جي پيداوار جي واڌاري ۽ ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي جي ٻين مسئلن تي بحث مباحثو ڪيو ويو.