ڳڙهي خيرو ( ن پ ا ) ڪراچي مان اغوا ڄاڻايل ناري رضوانا رند اوستا محمد واسي نوجوان ڪرم علي ڊرگهه سان ڊيرا مراد جمالي جي عدالت ۾ پرڻو ڪري ڇڏيو، رضوانا صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنھن به اغوا ناھي ڪيو، مرضي سان اڪرم ڊرگهه سان  شادي ڪئي آھي. ھن چيو ته ي شادي بعد والد حاڪم رند، ان جا دوست يار محمد بروھي، غلام رسول بروھي ۽ ٻيا دشمن بڻجي ويا آھن. ھن چيو ته انڊسٽريل سائيٽ ايريا ڪراچي پوليس علاج لاءِ اسپتال ويل منھنجي ڏير عبدالنبي ڊرگهه کي اغوا ڪيس ۾ گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي.