لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪئمپس جي شاگردن سهولتن جي کوٽ، سمر سسٽم، ريسٽيڪيٽ ۽ ٽرم بيڪ ڪيل شاگرد اڳواڻن جي بحالي ۽ سمرسسٽم ۾ ڳريون فيس وصولي خلاف شاگردن وزير ڏاھاڻي، آفاق ڏاھاڻي، اشفاق علي، نويد علي عالماڻي،  مشاھد ڊومڪي،محمد اعظم بھلڪاڻي، غلام رسول انڙ، عامر باجڪاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته هاسٽل ۾ شاگرد پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، بجلي جي لوڊشيڊنگ دوران جنريٽر نه هلائڻ، ڪئمپس ۾ بينڪ بوٿ نه هجڻ، واءِ فاءِ، اسپورٽس، پارڪنگ ايريا، ٽي وي هال، مسجد، لائيٽنگ، اسٽڊي ٽوئرس، هاسٽل ۾ ڪتن جو وڌيل آزار ۽ ٽرانسپورٽ نه ملڻ جي ڪري شاگرد سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ويتر سهولتن جي کوٽ لاءِ آواز اٿاريندڙ شاگردن جي آواز کي دٻائڻ لاءِ انتظاميا پاران شاگردن کي ريسٽيڪيٽ ۽ ٽرم بيڪ ڪري وڏي زيادتي ڪئي آهي. هنن چيو ته 20 بيچ کان اپلاءِ ڪيل نئين او بي اِي سسٽم جيڪا هلندڙ چوٿين سيمسٽر تي اپلاءِ ڪري هڪ ئي وقت سمر جي موڪلن کي ختم ڪري ٽن سيمسٽرن جا ڪلاس هلايا پيا وڃن ۽ان نئين سسٽم ۾ ڳريون فيسون ورتيون پيون وڃن جنهن سان غريب ساگرد تعليم ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بنيادي سهولتن جي کوٽ ختم ڪري جائز مطالبا تسليم ڪري ڇانيل ۾ ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.