سجاول (رپورٽر) سجاول ضلعي ۾ بدامني وڌي وئي آهي. ان ڏس ۾گذريل رات سجاول- بدين بائي پاس روڊ تي موٽر سائيڪل سوار شهري محمد علي کٽي کي نامعلوم هٿياربندن پاران هٿيارن جي زور تي روڪي موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن تي شهري پاران  مزاحمت تي هٿياربندن شهري تي تشدد ڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جڏهن تہ گاڏين جي گھڻي آمد و رفت سبب هٿياربند فرار ٿي ويا، سڄاڻ ڌرين سيد ممتاز شاھ بخاري، حسين آزاد ميمڻ، مير محمد نوحاڻي ۽ ٻين سنڌ جي سنڌ جي وڏي وزير ۽ آئي جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته بدامني جو نوٽيس ورتو وڃي.