گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ ملڪ جي رهواسي پوليس اهلڪار افروز ملڪ پنهنجي پٽ سان گڏجي احتجاج ڪندي الزام هڻندي چيو ته بااثر وڏيري گهر آڏو رڪشا ڪراس ڪرڻ تي ناراض ٿي ساٿين سان گڏجي مون تي تشدد ڪري ڪپڙا ڦاڙهي مرغو بڻائي تذليل جو نشانو بڻايو، هن چيو ته وڏيري مون کان 15هزار روپيا به ڦر ڪيا آهن، پوليس اهلڪار وڌيڪ چيو ته عادلپور ٿاڻي جي پوليس دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي وڏيري خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.