حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد ٿاڻي جي پوليس وردي جو احترام وساري ڇڏيو، رستن تي فروٽ وڪرو ڪندڙ پورهيت کان افطاري لاءِ مفت ۾ فروٽ وٺڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي علي پيلس ڀرسان رستي تي فروٽ وڪرو ڪندڙن کان قاسم آباد پوليس جا اهلڪار اي ايس آءِ جي اڳواڻي ۾ موبائل ۾ سوار ٿي روزانو جي بنياد تي مفت ۾ فروٽ وٺندا رهن ٿا. پوليس عملي جي اهڙي ڪارنامي بابت وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ واضح طور نظر اچي ٿو ته پوليس موبائيل ۾ سوار عملو رستي تي افطاري لاءِ فروٽ وڪرو ڪندڙ فروٽ وارن کان ڇانهيون، ڪيلا، گدرا ۽ ٻيو فروٽ مفت ۾ وٺي واپس روانو ٿي وڃي ٿو. پوليس عملي بابت فروٽ وڪرو ڪندڙن وڊيو بيان ۾ ٻڌايو آهي ته پهرين رمضان کان وٺي روزانو جي بنياد تي پوليس عملو کانئن مفت ۾ فروٽ کڻي وڃي ٿو. فروٽ وڪرو ڪندڙن موجب حڪومت پوليس پئي هلائي جيڪڏهن هو انهن کان فروٽ جا پئسا وٺن ته پوليس عملو کين رستن ڀرسان فروٽ وڪرو ڪرڻ نه ڏيندو. پورهيتن موجب هو ان خوف سبب پوليس عملي کي انڪار نٿا ڪن جنهن ڪري هو روزانو جي بنياد تي کانئن افطاري لاءِ فروٽ کڻندا رهن ٿا. رابطو ڪرڻ تي قاسم آباد پوليس معاملي کان لاعلمي جو اظهار ڪري ڇڏيو.