ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو، مختلف هنڌن تي ڪتن وڌيڪ 4 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، ٺٽو ميونسپل تي پوليس جو ڇاپو، سي ايم او هٿ نه آيو. خبر موجب مرزاپور ويجهو ڳوٺ دڙو ۾ مستاني نوجوان ياسين سومرو کي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، گمبٽ ۾ رولو ڪتن 42 سالن جي ارشاد خاتون ۽ 17 سالن جي عصمت علي سهتو کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. ڪوٽ غلام محمد ۾ محمد بخش کوسو کي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. ٺٽي شهر جي بخاري پاڙي ۾ ڇتي ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب 4 ڏينهن اڳ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويل نوجوان روشن ملاح واري معاملي جو ڪيس فوتي جي ڀاءُ عيدن ملاح جي فرياد تي ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو جي چيف آفيسر آغا عابد حسين خلاف داخل ٿيڻ بعد پوليس ميونسپل ڪاميٽي تي چڙهائي ڪئي پر سي ايم او ڪارروائي کان اڳ کسڪي ويو. ڪراچي شهر ۾ رولو ڪتن خلاف آپريشن شروع، لاڳاپيل عملي سنڌ حڪومت جي ربير فري مهم دوران ڪتا پڪڙڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، ڪالهه رولو ڪتن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ڀرپاسن وارن علائقن ۾ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران ٽيم پڪڙيل ڪتن تي اسٽيمپ ۽ ٽيڪنگ به ڪئي.