گهوٽڪي: نوجوان شاهنوازجي قتل ڪيس ۾ 4جوابدارن کي عمر قيد جي سزا

0
415

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي عدالت قتل ڪيس جو فيصلو ٽن سالن بعد ٻڌائي ڇڏيو، چئن جوابدارن لي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ 5-5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ گهوٽڪي طارق ڀٽي جي عدالت ۾ شاهنواز ڀيري قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، فريادي غوث بخش ڀيري جو وڪيل ۽ جوابدارن محمد بخش ڀيري، آدم ڀيري، ھزارو ڀيري ۽ محمد يعقوب ڀيري جي وڪيل عدالت ۾ پيش ٿي دليل ڏنا، عدالت شاهنواز ڀيري جو قتل ڪيس ثابت ٿيڻ تي جوابدار محمد بخش ڀيري، آدم ڀيري، ھزارو ڀيري ۽ محمد يعقوب ڀيري کي عمر قيد ۽ 5-5 لک رپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. 2018ع ۾ شاهنواز ڀيري کي پسند جي شادي ڪرڻ تان قتل ڪيو ويو هو، قتل ڪيس گهوٽڪي جي بي سيڪشن ٿاڻي تي مقتول جي والد غوث بخش ڀيري جي فرياد تي محمد بخش ڀيري، آدم ڀيري، ھزارو ڀيري ۽ محمد يعقوب ڀيري مٿان داخل ڪيو ويو هو.