تعليمي ادارا بند رکڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاج

0
247
تعليمي ادارا بند رکڻ واري

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ تعليمي ادارا بند رکڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري آھي، نجي اسڪولز ائسوسيئيشن به تعليم بچايو تحريڪ ۾ شامل ٿي وئي، ڪراچي ۾ نجي اسڪولز ائسوسيئيشن جي نمائندن سان گڏ استاد ۽ شاگرد به رستن تي نڪري آيا.

ناظم آباد ۾ ڪي ڊي اي چورنگي تي مظاهري دوران تعليمي ادارا بند رکڻ خلاف نعريبازي ڪئي وئي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرن دوران سنڌ سرڪار کان تعليمي ادارا ايس او پيز تحت کولڻ جو مطالبو ڪيو ويو. مظاھرين جو چوڻ ھو تھ معصوم ٻارن جي تعليم تباھ ٿي رھي آھي، سنڌ سرڪار ڪورونا جي نالي تي سنڌ جي تعليم تباھ ڪري رھي آھي، ايس او پيز تي عمل ڪري اسڪولن کي کولرايو وڃي، جڏھن تھ نجي اسڪولز ايسوسيئيشن جي اعلان تحت ڪجھ علائقن ۾ اسڪول پڻ اڄ کوليا ويا آھن، سنڌ سرڪار پاران ڪورونا وائرس جي واڌ سبب سنڌ ۾ وڌيڪ ھفتي لاءِ اسڪول بند ڪرڻ جو اعلان ڪيوويو ھو.