گمبٽ (ن پ ا) ريلوي اسٽيشن گمبٽ ڀرسان نامعلوم جوابدارن جي حملي ۾ ڏنڊا ۽ سروٽا لڳڻ سبب 4 ڄڻا زخمي. تفصيل موجب گمبٽ ريلوي اسٽيشن ويجهو نامعلوم جوابدارن ڏنڊا ۽ لٺيون هڻي ڳوٺ امام بخش گوپانگ واسي 4 ڄڻن عمران علي گوپانگ، قلندر بخش، عاشق علي ۽ سھراب کي زخمي ڪري ڇڏيو. واقعي بعد زخمين کي کڻائي گمس سٽي اسپتال گمبٽ جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪرايو ويو. زخمين ٻڌايو ته سنھڙي واھ تي ويٺا هئاسين ته موٽرسائيڪل سوار ستن ھٿياربندن اسان مٿان ڏنڊن، لٺين ۽ سروٽن سان حملو ڪري ڏنو ۽ فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. گمبٽ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي. هنن شڪ ظاهر ڪيو ته مٿن مخالفن حملو ڪيو آهي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين جوابدار گرفتار نه سگهيا هئا.