ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ لياري جي علائقي آگرا تاج ۾96 چورس والن جي پلاٽ تي 6 ماڙ غير قانوني عمارت جي تعمير ڪرڻ واري ڪيس ۾ بلڊنگ اٿارٽي جي ڊي جي ، سنڌ حڪومت ۽ ٻين واسطيدار ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي چيو ته غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي ڪري چئن ھفتن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي،  عدالت ۾ درخواستگذار  جي وڪيل چيو ته يو سي ون لياري ۾ غير قانوني اڏاوتون جاري آهن، آگرا تاج ۾ 96 چورس والن تي 10، 10 ماڙ عمارتون ٺهي رهيون آهن، جن کي  روڪيو وڃي .