شڪارپور: ذريعن وٽان مليل معلومات موجب وليس پاران آپريشن دوران ڏوهارين جو عورتون گرفتار ڪرڻ تي ڌاڙيلن ڪاررواين ۾ تيزي آڻي ڇڏي آهي، ذريعن موجب گذريل ڏينهن آپريشن دوران پوليس ڪچي مان ڪجهه عورتون گرفتار ڪري کڻي آئي هئي، جنهن تي ڌاڙيلن حملو ڪري ٻن ڊرائيورن کي اغوا ڪيو آهي. ذريعن موجب ڌاڙيلن جي ڪارروائي بعد ڏوهارين ۽ پوليس ۾ ڊيل جا امڪان آهن، جنهن تحت گرفتار ٿيل عورتون آزاد ڪيون وينديون ۽ بدلي ۾ ٻنهي مغوين کي ڇڏيو ويندو.