گاجي کهاوڙ (ن پ ا) ڳوٺ صادق ماڇي ۾ مهينو اڳ قتل ٿيل محمد دين سولنگي جي وارثن جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي بس اسٽاپ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي مزن سولنگي، صلاح الدين سولنگي، ممتاز سولنگي، مظهر سولنگي، شير سولنگي، الله ورايو سولنگي، قلندر بخش سولنگي، مجاهد سولنگي چيو ته محمد دين سولنگي جا جوابدار آزاد گهمن ٿا پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏين ٿا. 4 ڪلاڪن بعد ايس ايچ او گاجي کهاوڙ ڳالهين بعد ڌرڻو ختم ڪرايو.ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او گاجي کهاوڙ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته 3 جوابدارن جي ضمانت ٿيل آھي، هڪڙو روپوش آھي جڏھن ته هن ڪيس جي ڊي آء جي لاڙڪاڻو طرفان جاچ ڪئي وئي آھي، جيڪا جاچ رپورٽ سول ڪورٽ وارهه ۾ جمع ٿيل آھي ان جي اڄ ٻڌڻي آھي، وڌيڪ سول جج جي مرضي آھي اسان ڪيس مان ڪو به نالو ناهي ڪڍيو.