تيل مهانگو ٿيڻ بعد نواب ولي محمد ڀرسان پيٽرول ڦر ڪرڻ جي انوکي واردات

0
393
نواب ولي محمد ڀرسان

نواب ولي محمد(ن پ ا) نواب ولي محمد ڀرسان پوليس وردي پهريل هٿياربند 48 هزار ليٽر پيٽرول ڦر ڪري فرار ٿي ويا

ڪريم آباد وٽ قومي شاهراهه تي پوليس وردي پهريل 4 هٿياربندن آئل ٽينڪر ڊرائيور بلال ۽ سندس ساٿي ڪلينر کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کين اکيون ٻڌي آئل ٽينڪر اڻڄاتل هنڌ تي ڪاهي وڃي پيٽرول لهرائي ڊرائيور ۽ ڪلينر کي راڻي پور ويجهو آئل ٽينڪر سوڌو ڇڏي فرار ٿي ويا

 ڊرائيور بلال جو چوڻ آهي ته اڇي رنگ جي سرڪاري گاڏي تي سوار پوليس جي وردي پهريل 4 هٿياربندن کين اغوا ڪيو،  48 هزار ليٽر پيٽرول نامعلوم هنڌ تي ڪڍي کين راڻي پور ويجهو لاهي فرار ٿي ويا، جڏهن ته نواب ولي محمد پوليس واقعي کان لاعلم بڻيل آهي

ھي به پڙھندا

تيل جون عالمي قيمتون 3 سالن جي بلند سطح تي پهچي ويون