گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ ۾ شهري اتحاد طرفان منشيات جي وڪري خلاف مجاور کهاوڙ، اسلم سيھڙ، جاويد چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بس اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن الزام لڳايو ته گاجي کهاوڙ پوليس جي سرپرستي ۾ نشو آئيس، چرس، آفيم، ڀنگ ۽ ٻيو نشو سرعام دڪانن ۽ گهرن ۾ وڪرو ٿئي ٿو. ايس ايس پي قمبر کي دانهن ڏني ڪو به عمل نه ٿو ٿئي. هنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته گاجي کهاوڙ ۾ منشيات وڪرو بند ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي نه ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.