قمبر ( رپورٽر) قمبر ۾ بدامني خلاف چيمبر آف ڪامرس جي سڏ تي ٽئين ڏينهن به واپارين، دڪاندارن ۽ شھرين شاهي بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي محمد اسلم تنيو، علي جان مگسي، آصف شيخ. ميرآھوجا ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته امن امان بحال ڪرائڻ ۽ شھرين کي تحفظ ڏيڻ پوليس جي ذميواري آھي.هنن چيو ته پوليس بلال ڪنڀر کان ساڍا چار لک ڦري گوليون هڻي کيس زخمي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي. واپارين چيو ته سيلز مين آصف جويو کان هڪ لک 10 هزار ۽ دوائن جي گاڏي کي روڪي 3 لک ڦر ڪندڙ جوابدار به پڪڙ کان آجا آهن.موٽر سائيڪل جون ڦرون، چوريون ۽ رستي ويندي شهرين کان موبائل ڦر روز جو معمول بڻيل آھي.نوٽيس وٺي نااهل سفارشي پوليس آفيسر هٽائي محنتي ۽ فرض شناس آفيسر مقرر ڪري پريشانين کان بچايو وڃي.