ڄام نوازعلي (ن پ ا) نئون آباد ڀرسان ڳوٺ صادق وساڻ ۾ بجلي جي تارن مان چڻنگ نڪرڻ سبب جسقم ڪارڪن سلطان مري جي گهر سميت 3 گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن موجب باهه سبب گهرن ۾ پيل سوين مڻ اناج، بسترا، سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، متاثرن ٻڌايو ته واپڊا وارن کي بار بار اطلاع ڪيو ته گهرن مان بجلي جون تارون هٽايون وڃن پر هنن هڪ به نه ٻڌي، جنهن ڪري باهه لڳي ۽ لکين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو، متاثرين وس وارن کي واهر جي اپيل ڪئي.