ڪڙيو گنھور: مائٽن سان ملڻ جون دانهون ڪندڙ رينا مڙس حوالي

0
740

ڪڙيو گنھور (ن پ ا) گذريل ڏينهن ڇت تي چڙهي مائٽن سان ملڻ جون دانهون ڪندڙ ناري رينا کي سول جج 2 بدين جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي هن مڙس قاسم سان گڏ رھڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، ناري جي بيان رڪارڊ بعد عدالت کيس مائٽن سان ملاقات ڪرائڻ بعد مڙس سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، واضح رهي ته ڪجهه وقت اڳ مسلمان ٿي شادي ڪندڙ رينا گذريل ڏينهن پنهنجي گهرجي ڇت تي چڙهي دانهون ڪيون هون ته هن کي والدين جي گهر وڃڻو آهي، جيڪا وڊيو به وائرل ٿي وئي هئي، جنهن بعد بدين پوليس رينا ڪماري کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو جتي هن پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.