جهانگير ترين جَي حامي پي ٽي آءِ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جِي وزيراعظم سان ملاقات

0
513

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي هم خيال گروپ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات دوران مطالبن ۽ تجويزن تي ٻڌل ڊرافت پيش ڪري ڇڏيو، جهانگير ترين جي حامي 29 ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي اڳواڻي راجا رياض ڪئي، ذريعن موجب هم خيال گروپ جي وفد طرفان وزيراعظم عمران خان آڏو جهانگير ترين خلاف ڪارروائين بابت خدشن جو اظهار، وزيراعظم عمران خان جهانگير ترين سان ناانصافي نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، وزيراعظم سان ملاقات بعد پي ٽي آءِ ايم اين اي راجا رياض چيو آهي ته وزيراعظم کي جهانگير ترين خلاف ڪارروائين ۽ شهزاد اڪبر جي باري ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي ڪپتان مڪمل انصاف جي خاطري ڪرائي آهي، وزيراعظم چيو ته جهانگير ترين خلاف ڪيسز کي هو پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي، ساڻس ناانصافي ٿيڻ نه ڏني ويندي.