جھول ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي، 8 ڪلينڪس سيل

0
438

جھول (ن پ ا) جھول ۾ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي آفيسرن جا عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪس تي ڇاپا، 8 کان مٿي ڪلينڪس سيل ڪيا ويا، جڏهن ته ڪيترائي عطائي ڪلينڪس بند ڪري فرار ٿي ويا، سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شھيد بينظير آباد ڊويزن ٽيم سان گڏجي جھول شھر ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪنس تي ڇاپا هڻي محمود ھنگورو، حليم بيگ، پريم ساگر، ڌنو مل ميگھواڙ، انعام مھر، پريم چوھاڻ، ڀاڳچند ڀيل ۽ ٻين جون ڪلينڪس سيل ڪرڻ سان گڏ انڊس ليبارٽري کي سيل ڪيو ۽ انھن جا ليٽر جھول پوليس حوالي ڪيا، جڏھن ته ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم جي ڇاپن واري خبر ٻڌي جھول جا ڪيترائي عطائي ڊاڪٽرز ڪلينڪس ۽ بوگس ليبارٽريز بند ڪري فرار ٿي ويا،ان اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شھيد بينظير آباد ڊويزن عبدالرزاق شيخ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ مختلف ھنڌن تي ڇاپا هڻي ڪلينڪس ۽ ليبارٽريز بند ڪرايو وينديون، اھڙو ڪڌو ڪم ڪندڙن مٿان ڏنڊ به وڌا آهن پر اھي عطائي ڏنڊ ڀرڻ ۽ ڪلينڪس بند ڪرڻ بجاءِ جڳھيون مٽائي مختلف ھنڌن تي ڪلينڪس کولي انساني جانين سان کيڏي رهيا آهن.