پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي تورغر ۾  تيز برسات تباهي مچائي ڇڏي، 14 ماڻهو فوت ٿي ويا. رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه ۾ هزارا ڊويزن جي ضلعي تورغر ۾ پوندڙ تيز برسات  تباهي مچائي ڇڏي آهي. تيز برسات ۽ کنوڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا آهن. هينئر تائين 14 ڄڻن  جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. پوليس جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته مقامي ماڻهو ۽ پوليس امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهن. برسات سبب تباهه ٿيندڙ گهرن جي ملبي مان هينئر تائين  3 ٻارن کي زنده ڪڍيو ويو آهي. برسات سبب ٻوڏ وهڪري سبب ڪيترائي روڊ مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن جنهن سبب امدادي ڪارروائين ۾ پريشاني پيش اچي رهي آهي. ان حوالي سان ڪي پي ڪي جي  وڏي وزير محمود خان ريسڪيو ادارن  ۽ ضلعي انتظاميه کي فوري طور تي متاثر علائقن ۾ پهچڻ جي هدايت ڪندي هنگامي طور تي امدادي ڪارروايون شروع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. محمود خان متاثر خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. حڪومت متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ انهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.