دوحا(م ڊ) القاعده جي سربراهه ايمن الزواهي  جي جيئري هجڻ جو ثبوت ملي ويو، هن نائن اليون جي 20 هين ورسي جي موقعي تي وڊيو جاري ڪري ڇڏي. هن شام ۾ روس جي فوجين تي حملن جي حمايت ڪئي ۽ القاعده جي ٻين حملن جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته يروشلم ڪڏهن به يهودين جو نه ٿيندو. هن افغانستان مان آمريڪي فوجين جي واپسي جو به ذڪر ڪيو پر طالبان جي ڪابل تي حملي جو ذڪر ناهي ڪيو. ماهرن جو چوڻ آهي ته اها وڊيو اهو ثابت نه ٿي ڪري ته ايمن الزواهري هن وقت به جيئرو آهي پر اهو ثابت ٿئي ٿو ته هو جنوري 2021ع تائين جيئرو هو.