ڪراچي (نمائندن وٽان ) ڪورونا وڌيڪ 58 حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته 3153 نوان ڪيس سامهون آيا، ملڪ ۾ ڪورونا شرح 6 سيڪڙو کان گهٽ رهي، ٻئي طرف سنڌ  ۾ 26 مريض  فوت ٿي ويا، جڏهن ته  891 نوان ڪيس سامهون آيا، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آهي ته هن وقت 49214 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 48425 گھرن، 40 آئسوليشن سينٽرن ۽ 734 مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن. 650 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جن مان 56 مريضن کي وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ 334، حيدرآباد ۾ 85، ڄامشوري ۾ 54، شهيد بينظيرآباد ۾ 37، سانگھڙ ۾ 32، مٽياري ۾ 30، ٿرپارڪر ۾ 29، بدين ۾ 26، ٽنڊي الهيار ۾ 24، ٽنڊي محمد خان ۾ 23، نوشهري فيروز ۾ 19، سجاول ۾ 17، دادو ۾ 14، لاڙڪاڻي ۾ 11، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ۾ 10_10، ڪشمور ۾ 5، گھوٽڪي ۾ 4 ۽ سکر ۾ 3 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.  هوڏانهن  نوابشاهه  جي اڳوڻي ڊي ايچ او ڊاڪٽر بھادر علي کيڙو ۽ آبپاشي کاتي جي  چيف انجنيئر ظريف اقبال کيڙو جي ڀيڻ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ ڪورونا سبب فوت ٿي وئي سندس مڙھ ايمبولنس ذريعي موري ويجھو ڳوٺ ملڪ کيڙو ۾ آڻي ايس او پيز تحت جنازي نماز ادا ڪئي وئي.

 

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران  ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اڄ ۽ سڀاڻي  ڪورونا خلاف خاص مھم ھلائي ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ جو حڪم، ڀڃڪڙي ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ جي ھدايت، ان ڏس ۾ سنڌ جي گھروکاتي ڪراچي جي ڪمشنر، 7 ئي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر کي خط لکي حڪم ڪيو آھي ته اڄ ۽ سڀاڻي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مارڪيٽن، مالز ۽ ھوٽلن ۾ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي، جيڪڏھن ڪنھن به مارڪيٽ، مال ۽ ھوٽل ۾ ملازمن ۽ گراهڪن کي ماسڪ پاتل نه ھجي ته ان کي مارڪيٽ کي  سيل ڪري گرفتاريون ڪيون وڃن. خط ۾ ڄاڻايو ويو ته ھوٽلن ۾ ان ڊور ڊائننگ تي مڪمل پابندي آھي،  مارڪيٽون به رات 8 وڳي کانپوءِ کليل نه ھجڻ گھرجن، پوليس جي مدد سان ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي،  شھرين ۾ جاڳرتا ڦھلائي وڃي.