ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد شھر مان 25 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ڄاڻايل ڳوٺ نواب يونس ٽالپر واسڻ شادي شده عورت مسمات صغران عرف سگنا شيخ کي پوليس عمرڪوٽ شھر جي ڪولهي دڙي تي ڇاپو هڻي سندس معصوم پٽ زاهد شيخ سميت بازياب ڪرائي ورتو آھي، پوليس بازياب ڪرايل عورت کي ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو آھي، ان حوالي سان عورت صغران ٻڌايو ته مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، آئون مرضي سان پنهنجي مڙس پنهون ٿيٻو وٽ سندس گهر عمرڪوٽ وئي هيس، هن چيو ته آئون پنهنجي مڙس پنهون ٿيٻو سان رهڻ چاهيان ٿي، ٻي طرف پوليس موجب بازياب ڪرايل عورت کي اڄ عدالت پيش ڪيو ويندو.