قمبر (رپورٽر) قمبر ويجهو ڳوٺ خان واهه جو رهواسي سونو مغيري پنهنجي پٽ غلام عباس مغيري جي شادي جي ڄڃ وٺي ڳوٺ ملوڪ بليدي پهتو، جتي نڪاح بعد لانئون لهڻ واري رسم دوران گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعد گهوٽ ڪنوار وٺڻ بنا ڄڃ سميت واپس موٽي ويو، گهوٽ جي پيءُ سونو خان ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪنواريتن بنا جواز پئسا ڦٻائڻ لاءِ ڊرامو ڪندي جهيڙو ڪيو، جڏھن ته گهوٽ غلام عباس جو چوڻ هو ته نڪاح سميت رسمون ادا ڪرڻ بعد مان جيئن ئي ڪنوار ڏانهن وڃي رئو مٿي ڪيو ته ڪنوار مون مٿان لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن بعد ڪنواريتن جي عورتن گڏجي ڪٽجڪو ڏنو ۽ کيسي مان 50 هزار رپيا ڪڍي ورتا. گهوٽيتن بعد ۾ قمبر ٿاڻي تي پهچي اين سي داخل ڪرائي ورتي.