ترائي (ن پ ا) ترائي ويجهو وي مڪان لڳ ٻنيءَ ۾ چرندڙ ٻڪريون ڦرڻ جي ڪوشش، ڏينهن ڏٺي ٽن ڦورن ڌنار جي لوندڙيءَ تي مائوزر رکي ٻڪريون ڪاھڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دوران ڌنار جي مزاحمت ۽ رڙين تي آس پاس جي ڳوٺن جا رهواسي گڏ ٿي ويا. بروقت اطلاع تي ترائي پوليس پھچي وئي. پوليس کي ڏسندي 2 چور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته هڪ چور کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. گرفتاري وقت پوليس هڪ چور سان هٿين پئجي وئي، ان دوران چور جي هٿ ۾ لوڊ ٿيل مائوزر ڇٽڻ سبب پوليس ڊرائيور گولي لڳي وئي. ٻئي پاسي ترائي پوليس گرفتار جوابدار کي ڪڙيو ٿاڻي منتقل ڪيو. گرفتار جوابدار هادي بخش پُٽ الهبچايو سمون تي 23/1 تحت مائوزر برآمد ٿيڻ جو ڪيس ڪڙيو گھنور ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آھي.