ڪوٽڙي (رپورٽر) ميونسپل انتظاميا ٻولھاڙي جي لاپرواهي سبب پوپٽ ڳوٺ جي خالي پيل ٽانڪي ۾ پاڻي بدران نوجوان راند کيڏڻ لڳا، ان حوالي سان  پاڪستان نوجوان تحريڪ پاران پوپٽ ڳوٺ جي خالي پيل ٽانڪي ۾ ڪرڪيٽ  کيڏڻ تي راڳ ڳائي احتجاج ڪندي اڳواڻن عبدالستارلهر، پنھل چانڊيو، عرس رند، اسمائيل رند،جان محمد ملاح ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پوپٽ ڳوٺ جي ٽانڪي جنهن ۾ پاڻي ھئڻ گھرجي انهي ۾ ڪرڪيٽ  راند، والي بال ۽ ٻيون رانديون کيڏيون وڃن ٿيون، انتظاميا ڪجھه ناهي ڪيو، اسان پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهيون،