سامارو (ن پ ا) سامارو ويجهو ڳوٺ چوڌري غلام حسين رنڌاوا ۾ پورھيتن جي گھرن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ پورھيت رجب سولنگي، شاهه محمد سولنگي ۽ الھڏنو سولنگي جا گھر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن موجب باهه سبب گھرن ۾ پيل اناج، زيور، هنڌ، کٽون ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي، اطلاع باوجود فائربرگيڊ جي گاڏي نه پهتي، جنهن بعد ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ گھرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو، متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.