ڪوٽڙي (رپورٽ: شوڪت ميمڻ) گذريل ڏينھن افطاري جي وقت پرسرار نموني گم ٿيل ڪوٽڙي جي 9 ورهين جي  معصوم نينگري آسيا جو ڪوٽڙي جي  علائقي محمود شاھ ڪالوني جي هڪ بند پيل ويران گھر مان لاش ھٿ آيو، اطلاع تي پوليس ۽ علائقي واسي وڏي انگ ۾ واقعي واري ھنڌ پھچي ويا جن لاش کڻائي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال پهچايو، جتي پوسٽ مارٽم لاءِ لاش ٽن ڪلاڪن تائين پيل رهيو، بعد ۾ پوسٽ مارٽم جو سامان نه هجڻ جو عذر ڄاڻائي اسپتال انتظاميا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو. مئل حالت ۾ هٿ آيل نينگري آسيا جي والد لياقت علي موجب گذريل ڏينھن افطاري جي وقت منھنجي نياڻي شيءِ وٺڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتي ته وري واپس نه آئي، کيس 14 ڪلاڪن تائين ڳوليندا رهياسين، ان دوران ٿاڻي تي به وياسين پر پوليس ڪابه مدد نه ڪئي، بعد ۾ صبح جو لاش هڪ بند پيل ويران جاءِ ۾ پيل ڪچري جي ڍير ۾ پوريل مليو، هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، موچڪو ڪم ڪري ٻچن جو گذر سفر ڪندو آهيان، مون سان ناحق ٿيو آهي، منهنجي نياڻي کي قتل ڪيو ويو آھي، جنهن جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.آسيا جي لاش جو حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، مليل ڄاڻ موجب شروعاتي رپورٽ ۾ ڊاڪٽرن ڄاڻايو آهي ته نينگري جي جسم تي ڪنهن به قسم جو تشدد ناهي ٿيل نه ئي ساڻس جنسي ڏاڍائي ٿيل آهي البته سندس موت جو سبب ساھ ٻوساٽجڻ آهي جنهن بابت ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته لڳي ايئن رهيو آهي ته نينگري جي منهن تي وهاڻو رکي سندس ساھ ٻوساٽيو ويو آهي، البته اهو طئه آهي ته آسيه کي قتل ڪيو ويو آهي، پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ بعد ۾ جاري ڪئي ويندي. آخري اطلاعن تائين نينگري جي قتل ڪيس جي. ايف آءِ آر داخل ٿي نه سگهي هئي، ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي جي ايس ايچ او موجب وارث تدفين بعد جڏهن به ٿاڻي تي ايندا سندن ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.

ڊي ايچ ڪيو اسپتال انتظاميا جي بي حسي، 3 ڪلاڪ لاش رکي ڇڏيو

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي جي ڊي ايچ ڪيو اسپتال انتظاميا بي حسي جي انتها ڪري ڇڏي، اسپتال انتظاميا آسيا جي پوسٽ مارٽم لاءِ ٽن ڪلاڪن تائين معصوم آسيا جي لاش کي رلائڻ بعد لاش حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽرن موچڪو ڪم ڪندڙ آسيا جي والد لياقت علي کي پوسٽ مارٽم لاءِ سامان جي پرچي لکي ڏني، اسٽور وارن 1500 رپيا جو سامان ٻڌايو پر پئسه نه هجڻ تي هو ميڊيڪل اسٽورن تي رلندو رهيو پر کيس سامان نه مليو. بعد ۾ سامان نه هجڻ جو عذر ڄاڻائي ڊڪٽرن آسيا جو لاش حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو، جتي سندس پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، جنهن بعد شام جو افطاري مهل لاش وارثن حوالي ڪيو، جن کيس محمود شاهه ڪالوني جي قبرستان ۾ کيس آلين اکين سان دفنايو.

 

اصل حقيقتون پوسٽ مارٽم بعد ظاهر ٿينديون: ايس ايس پي ڄامشورو

ڪوٽڙي : ايس ايس پي ڄامشورو محمد طارق نواز موجب لاش ٿي ظاهري تشدد نظر نه آيو پر اصل حقيقتون پوسٽ مارٽم بعد ظاهر ٿينديون جنهن سان موت جو ڪارڻ ۽ ٻي معلومات ملندي، هن چيو ته مون آسيا جي موت بابت خاص ٽيم جوڙي آهي جيڪا هن ڪيس جي جاچ ڪندي جڏهن ته جاچ جي نگراني مان پاڻ ڪري رهيو آهيان، جلد حقيقتن تائين پڄي آسيا کي انصاف ڏياربو.

وارداتن پٺيان منشيات فروشن جو هٿ آهي: سڄاڻ ڌريون

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي جي سڄاڻ شهرين توڙي آسيا جي پاڙي وارن جو چوڻ آهي ته هن قسم جي وارداتن جي پٺيان مشيات فروشي جو سبب آهي ڇاڪاڻ ته هتي منشيات سرعام ۽ آساني سان وڪرو ٿي رهي آهي جنهن ڪري نوجوان منشيات جا عادي ٿي ويا آهن خاص طور تي آئيس ۽ هيروئن جا موالي ان قسم جون ڪاروايون ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته آئيس هاڻ هتي باآساني سان ملي ٿي جنهن ڪري نوجوان نسل آئيس جو عادي بڻجي ويو آهي، آئيس جا عادي موالين مان هر قسم جي سڃاڻپ نڪري وڃي ٿي جنهن ڪري اهڙا واقعا ٿي رهيا آهن، البته آسيا جي قتل جي جاچ نتيجا اچڻ کان او اهڙي ڪابه ڳالھ نٿي ڪري سگهجي.

آسيا جي قتل خلاف شهري رستن تي نڪري آيا، احتجاجي مظاهرو

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي م قتل ٿيل آسيا  جي ناحق ڪيل خون سان انصاف لاءِ شهري رستن تي نڪري آيا. شهري اڳواڻ ستار لهر جي اڳواڻي م مظاهرو.  ان موقعي تي اڳواڻن عبدالستار لهر، نظير بليدي، عرس رند، سڌير چانڊيو ۽ ٻين چيو ته ھاڻ ڦرن چورين سميت خون ڪرڻ به آسان ٿي ويو افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو ته 9 سالا معصوم نينگري آسيا ولد لياقت ھزارا جيڪا گذريل ڪلھه کان لاپتا ھئي، اڄ ان جو لاش  ڪچري جي ڍير تي پيل مليو ان کان وڌيڪ پوليس جي نااھلي ٻي ڪھڙي ٿي سگهي ٿي ھنن مطالبو ڪندي چيو ته ان معاملي جي شفاف جاچ ڪري ملوث جوابدارن کي سرعام ٽنگيو وڃي.