ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي جي سوڪ سينٽر لڳ 272 ايڪڙ سرڪاري زمين خريد  ۽ وڪري واري ڪيس ۾  نيب جاچ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي،  عدالت جاچ آفيسر کي جاچ مڪمل ڪري ريفرنس پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪندي نيب پاران ھراسان ڪرڻ واري درخواست اڪلائي ڇڏي، ڪالهه ڪراچي رجسٽري ۾  سوڪ سينٽر لڳ 272 ايڪڙ سرڪاري زمين خريد  ۽ وڪري واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته نيب طرفان اقبال احمد کي هراسان ڪيو پيو وڃي، ڪيس 2019 کان التوا ۾ آهي، نوٽيس جاري ڪيا پيا وڃن، ٻڌڻي دوران نيب جو وڪيل ۽ لاڳاپيل جاچ آفيسر به پيش ٿيا، نيب جي وڪيل ٻڌايو ته اسان مامري جي جاچ مڪمل ڪئي آهي، اقبال احمد جي گرفتاري بابت ڪو به نوٽيس جاري ناھي ڪيو، جڏهن ته اقبال احمد طلب ڪرڻ جي نوٽيس باوجود نيب وٽ پيش نه ٿيو آهي، جسٽس محمد علي مظهر نيب جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان انڪوائري مڪمل ڪرڻ بعد ريفرنس ڇو فائل ناهي ڪيو؟ جنھن تي نيب جي وڪيل ٻڌايو ته ھاڻي ريفرنس لاءِ نيب جي چيئرمين کي رپورٽ موڪلي ويندي،  طريقيڪار مڪمل ٿيڻ بعد ريفرنس فائل ڪيو ويندو، عدالت حڪم ڏيندي چيو ته ان معاملي کي جلد اڪلايو وڃي، هن وقت تائين جيڪا انڪوائري ٿي آهي، ان کي ريفرنس جو حصو بڻايو وڃي، عدالت هراسان ڪرڻ  جي درخواست غير موثر قرار ڏيندي اڪلائي ڇڏي .