قاضي احمد (ن پ ا) پنجاب مان 10 سال اڳ مبينا اغوا بعد قاضي احمد ۾ وڪرو ڪيل عورت ٽن ٻارن سوڌو بازياب، تفصيل موجب گذريل رات دير سان پوليس ڳجھي اطلاع تي ڳوٺ شير علي کوسو ڀرسان ھڪ گھر تي ڇاپو هڻي 10 سال اڳ  پنجاپ مان مبينا اغوا بعد دلالن هٿان وڪرو ڪيل عورت طاھرهه بتول سيد کي ٽن ٻارن 7 سالا مريم، 5 سالا ذريشان ۽ 4 سالا ڪائنات سميت مڙس جي دعويدار مقامي رهواسي ڪريم بخش کوسو جي گهر مان بازياب ڪرائي ورتو، پوليس ڪاروائي دوران ڪريم بخش کوسو کي پڻ گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل  ڪيو، پوليس موجب هٿ ڪيل پنجاپ واسڻ عورت کي 3 ٻارن سميت هٿ ڪيو ويو آھي، جوابدار عورت کي 10 سال اڳ دلال ذريعي خريد ڪيو هو، عورت ٻڌايو ته  منھنجي پھريان پنجاب ۾ شادي ٿيل هئي، دلال مون کي کڻي هتي وڪرو ڪري ويا، جنهن بعد ڏھن سالن دوران مائٽن سان رابطو نه ٿيو، عورت کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.