ڪور ڪمانڊر هائوس ڀڃ ڊاهه ڪيس، عليمه خان ۽ عظميٰ خان جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

0
204

ڪور ڪمانڊر هائوس ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀينرن عليمه خان ۽ عظميٰ خان جي عبوري ضمانت ۾ 16 آڪٽوبر تائين واڌ ڪئي وئي آهي

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ڪيس جي جاچ آفيسر پاران عليمه ۽ عظميٰ خان جي گرفتاريءَ جي استدعا ڪئي وئي

 جاچ آفيسر چيو ته 9 مئي جي واقعن جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي ٻنهي کي ڏوهاري قرار ڏئي چڪي آهي، وڌيڪ جاچ لاءِ عليمه خان ۽ عظميٰ خان جي گرفتاري گهربل آهي

 ٻڌڻي دوران عليمه خان روسٽرم تي اچي چيو ته اسان سان انصاف ڪيو، پنهنجي ڀيڻ سان گڏ عدالتن ۾ حاضر ٿيندي آهيان، اسان کي جيل موڪلڻ سان انصاف ٿئي ٿو ته پوءِ ڀلي جيل اماڻي ڇڏيو

عليمه خان جي وڪيل کيس وڌيڪ ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو،عليمه خان چيو ته اسان ڇا گهري رهيا آهيون رڳو انصاف ئي ته گهري رهيا آهيون

هي به پڙهندا

پي ٽي آءِ چيئرمين صدر عارف علوي جي ڪردار مان مايوس آهي: عليمه خان