پي ٽي آءِ چيئرمين صدر عارف علوي جي ڪردار مان مايوس آهي: عليمه خان

0
189

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين صدر عارف علوي جي ڪردار مان مايوس آهي، صدر آئين موجب پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري سگهيو

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته صدر کي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻيون هيون پر هن پنهنجو اختيار استعمال نه ڪيو

هن چيو ته جيل ۾ وجهڻو آهي ته ڀلي وجهو پر اسان سازش کي قبول نه ڪنداسين، پي ٽي آءِ چيئرمين جو جيل ۾ قيد دوران وزن گهٽجي ويو آهي پر سندس حوصلا بلند آهن

هي به پڙهندا

پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف اڊياله جيل ۾ سائفر ڪيس جي پهرين ٻڌڻي، وڪيلن جي اعتراض تي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي