ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ تي ڳڻتي ظاهر، ماڻهو احتياط نه ڪندا ته ڪيسز وڌندا: مراد علي شاهه

0
278

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪورونا جي ڪيسز ۾ تيزي سان واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي، وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، لاڳاپيل سيڪريٽريز، رينجرز عملدارن ۽ ڊبليو ايڇ او جي نمائندن شرڪت ڪئي.بريفنگ دوران صحت واري وزير عذرا فضل پيچوهو چيو ته ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسز مثبت اچڻ جي شرح 8.9 ۽ حيدرآباد ۾ 61.64 سيڪڙو ٿي وئي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ماڻهو احتياط نه ڪندا ته ڪيسز وڌندا رهندا، ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ اسپتالن اندر اوزارن ۽ سهولتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.