ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي تازو 17هين گريڊ ۾ ترقيون ماڻيندڙ 19 اسسٽنٽ انجنيئرن مقرريون ڪيون آهن. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب يوسف شاھ کي سب ڊويزن 2 شهيد بينظير آباد، پرويز عالم کي قاضي احمد، نويد شاھ کي تعلقو 2 شهيد بينظير آباد، راجو کي سب ڊويزن 2 ٽنڊو محمد خان ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، محمد علي شاھ کي اسسٽنٽ انجنيئر تعلقه نوابشاھ، ولايت عارباڻي کي سب ڊويزن 1 لاڙڪاڻو، محمد طارق کي سب ڊويزن 1 ٽنڊو محمد خان، عبدالعزيز ميمڻ کي ڪنڊيارِو، شڪيل شيخ کي سب ڊويزن ون ٺٽو ۽ شفقت الله سومرو کي اسسٽنٽ انجنيئر تعلقو سکر مقرر ڪيو ويو آهي. نصر عمران کي ابراهيم حيدري، نياز شيخ کي سب ڊويزن پنو عاقل، محمد عظيم کي بدين، جاويد حسين کي حيدرآباد ٻهراڙي، سرور علي خان کي سب ڊويزن ٿري حيدرآباد، غلام حيدر ملڪ کي سب ڊويزن سعيد آباد، سيد علي شاھ کي سب ڊويزن ڪنڊيارو، محمد ناصر کي تعلقو بن قاسم ۽ محمد حفيظ کي حيدرآباد ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.