اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صحت واري وزارت ڪورونا وائرس سبب سڄي ملڪ ۾ متاثر هيلٿ ورڪرن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. صحت واري وزارت موجب پاڪستان ۾ هن وقت تائين 16 هزار 125 جي لڳ ڀڳ هيلٿ ورڪرز ڪورونا وائرس مان متاثر ٿيا آهن جهن مان 9 هزار 620 جي لڳ ڀڳ ڊاڪٽرز آهن جڏهن ته 2 هزار 310 کان وڌيڪ نرسنگ اسٽاف متاثر ٿي چڪو آهي ۽ ملڪ ۾ اسپتالن ۽ صحت جي شعبي سان سلهاڙيل 4185 هيلٿ ورڪرز به ڪورونا مان متاثر ٿيا. صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته ڪورونا مان متاثر ٿي 155 هيلٿ ورڪر فوت ٿي ويا. صحت واري وزارت موجب سڄي ملڪ ۾ 530 جي لڳ ڀڳ هيلٿ ورڪر گهرن ۽ اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن ۽ هن وقت تائين ڪورونا مان متاثر 15 هزار 425 هيلٿ ورڪرز صحتياب ٿي چڪا آهن. وزارت موجب سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ 5 هزار 700 کان وڌيڪ هيلٿ ورڪر ملازم ڪورونا مان متاثر ٿيا جڏهن ته صوبي ۾ 53 هيلٿ ورڪرز فوت ٿي ويا. صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ لڳ ڀڳ 3 هزار 380 هيلٿ ورڪر ڪورونا مان متاثر ۽ 28 فوت ٿي ويا. خيبرپختونخواهه ۾ 3 هزار 880 جي لڳ ڀڳ هيلٿ ورڪر متاثر ٿيا 42 فوت ٿي ويا. اسلام آباد ۾ 1459 هيلٿ ورڪر ڪورونا مان متاثر جڏهن ته 11 هيلٿ ورڪرز ڪورونا سبب فوت ٿي ويا. وزارت جي ذريعن موجب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ 1459 هيلٿ ورڪر ڪورونا مان متاثر ٿيا جڏهن ته 11 هيلٿ ورڪر فوت ٿي ويا. هوڏانهن گلگت بلتستان ۾ 220 هيلٿ ورڪرز ڪورونا مان متاثر ٿيا، 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، بلوچستان ۾ هن وقت تائين 770 هيلٿ ورڪرز ڪورونا مان متاثر ۽ 9 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.